مالي سال 22-2021 جي اقتصادي جائزه رپورٽ جاري

اسلام آباد: مالي سال 22-2021 جي اقتصادي جائزه رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ ناڻي وارو وزير مفتاع اسماعيل تفصيل ٻڌائي رهيو آهي

وفاقي وزير احسن اقبال، خرم دستگير، مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا سميت ٻيا اڳواڻ به تقريب ۾ موجود آهن

مفتاح اسماعيل چيو ته جڏهن به ٿوري گروٿ ٿيندي آهي ته اسان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ ڦاسي پوندا آهيون، ملڪ جو واپاري خسارو 45 ارب ڊالرز تائين پهچي ويو آهي، هن سال اسان جي درآمدات 76 ارب ڊالر تائين پهچي ويندي

چين مان 2 ارب 40 ڪروڙ ڊالر ملي رهيا آهن، جنهن تي چين جا ٿورائتا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔