ڇا سستو ٿيندو ڇا مهانگو ؟مالي سال 2022-23 جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي

اسلام آباد: مالي سال 2022-23 جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي .

وفاقي حڪومت  مالي سال 2022-23 جي لاءِ وفاقي بجيٽ اڄ جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي جنهن ۾ پيش ايندڙ ملڪي ۽ عالمي منظرنامي جي ڏس ۾ مالي ۽ زري استحڪام ،خساري ۾ گهٽتائي ، ايڪسپورٽ ۾ اضافي ۽ امپورٽ جي متبادل مقامي شين جي تياري، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آساني ۽ زراعت کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو  ويو آهي .

ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل لڳ ڀڳ 9 هزار 500 ارب رپين جي بجيٽ اڄ شام چئين وڳي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪندو .

ذريعن موجب ناڻي واري وفاقي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن پاران نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ ان کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي .

نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ کي ڪووڊ 19جي عالمي وبا ۽ روس يوڪرين تڪرار سبب سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي مشڪلاتن ۽ مسئلن ۽ ملڪي سطح تي پيش ايندڙ مالياتي چيلنجن کي سامهون رکندي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي .

بجيٽ ۾ عوام جي ڏکيائين کي گهٽائڻ ، زرعي شعبي جي ترقي ۽ ان شعبي کي جديد ڪرڻ ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ان شعبي جي امپورٽ ۾ اضافي ، ملازمتن ۾ اضافي ۽ عوام دوست پاليسين تي ئي گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔