بجيٽ: پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافو ٿيندو ، آءِ ايم ايف راضي

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان سان ٿيل بجيٽ ڳالهين ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي تي راضي ٿي  ويو آهي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو .

ذريعن موجب پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي جي تجويزن جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي .

بجيٽ ۾ 4400 ارب رپين جي سڀ کان وڏي رقم قرضن ۽ وياج جي واپسيءَ لاءِ رکي وئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔