سنڌ جي سوا 2 کرب جي ترقياتي بجيٽ جو رڳو 50 سيڪڙو خرچ ٿي سگهيو: 7 کاتن رپئي جو به ڪم نه ڪرايو

ڪراچي : سنڌ ۾ 222500.00 ملين (2 کرب 22 ارب 50 ڪروڙ ) واري سالياني ترقياتي پروگرام( اي ڊي پي) جا رڳو 50 سيڪڙو فنڊ خرچ ٿي سگهيا: 3 جون 2022ع تائين  ناڻي کاتي 3315 ترقياتي اسڪيمن لاءِ 47 کاتن کي  168186.328 ملين ( 75 سيڪڙو) جاري ڪيا، جڏهن ته صوبائي کاتا جاري ٿيل فنڊن جو 66.29  ۽ اصل فنڊن جو رڳو 50.1 سيڪڙو خرچ ڪري سگهيا، 7 کاتن ڪوآپريٽو، انساني حقن، هيومن سيٽلمينٽ، معدني وسيلن، نيو ڊولپمينٽ انيشيٽوز، صوبائي محتسب ۽ سنڌ روينيو بورڊ پاران هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو!

ناڻي کاتي جي رپورٽ موجب هلندڙ مال سال دوران زراعت کاتي جي 43 اسڪيمن لاءِ 5 هزار ملين رکيا ويا هئا،  جن مان 4 هزار 913 ملين جاري ٿيا، جڏهن ته 11 مهينن ۾ رڳو 2420 ملين خرچ ٿيا، جيڪو رليز ٿيل فندن جو رڳو 49 سيڪڙو بڻجي ٿو، اوقاف ۽ عشرزڪوات کاتي جي 54 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 500 ملين هئي، جنهن مان 386 ملين رليز ۽ 268 ملين خرچ ٿيا، جيڪو 69 سيڪڙو ٿئي ٿو، بورڊ آف روينيو جي 2593 ملين جي 3 اسڪيمن لاءِ 175 ملين ايلوڪيشن رکي وئي

جڏهن ته 150 ملين جاري ۽ 106 ملين خرچ ڪيا ويا، جيڪو مجموعي خرچ جو 70 سيڪڙو بڻجي ٿو. ثقافت کاتي جي 62 اسڪيمن  لاءِ 2000 ملين ايلوڪيشن رکي وئي، جن مان 1702 ملين جاري ٿيا، 1185 ملين خرچ ڪيا ويا، جيڪو رليز ٿيل فنڊن جو 69 سيڪڙو ٿئي ٿو. ڪوآپريٽو کاتي جي 3  اسڪيمن لاءِ 11 ملين ايلوڪيشن رکي وئي، جنهن مان جاري ۽ خرچ هڪ رپيو به نه ٿي سگھيو، تعليم کاتي جي 508 اسڪيمن لاءِ 26000 ملين ايلوڪيشن رکي وئي ، جنهن مان 14919  جاري ٿيا ۽ خرچ 9384 خرچ ٿي سگھيا، جيڪو 62 سيڪڙو بڻجي ٿو، توانائي کاتي جي 7 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 2500 رکي وئي، جنهن مان 830 ملين جاري ٿيا ۽ 414 ملين خرچ ٿيا، جيڪو 49 سيڪڙو بڻجي ٿو

ماحوليات کاتي جي 22 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 1200 رکي وئي، جنهن مان 90 ملين جاري ٿيا ۽ خرچ رڳو 20 ملين ڪيا ويا، جيڪو 22 سيڪڙو ٿئي ٿو، ايڪسائيز کاتي جي 10 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 256 ملين رکي وئي، جنهن مان 149 ملين جاري ڪيا ويا،96 ملين خرچ ڪيو ويو، جيڪو 63 سيڪڙو ٿئي ٿو، ناڻي کاتي جي 9 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 500ملين رکي وئي، جنهن مان 308 ملين جاري ڪيا ويا ۽ خرچ 131 ملين ڪيا ويا، جيڪو 39 سيڪڙو بڻجي ٿو، خوراڪ کاتي جي 3 اسڪيمن لاءِ 300 ملين جي ايڪوليشن رکي وئي، 137 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 24 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 18 سيڪڙو مس بڻجي ٿو

ٻيلي ۽ جھنگلي جيوت کاتي جي 9 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 1500 ملين رکي وئي، جنهن مان 1227 ملين جاري ڪيا ويا، 1061 ملين خرچ ڪيا ويا، جيڪو 86 سيڪڙو بڻجي ٿو، گورنر سيڪريٽريٽ جي 2 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 60 ملين رکي وئي، جنهن مان 4 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 3 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 71 سيڪڙو بڻجي ٿو، صحت کاتي جي 171 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 18500 ملين رکي وئي، جنهن مان 11899 ملين جاري ڪيا ويا،  3594 خرچ ڪيا ويا، جيڪو 30 سيڪڙو بڻجي ٿو

گھرو کاتي جي 55 اسڪيمن لاءِ 9 هزار ملين جي ايلوڪيشن رکي وئي، جنهن مان 1309 ملين جاري ڪيا ويا، 927 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 70 سيڪڙو بڻجي ٿو، انساني حقن واري کاتي جي 2 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 35 ملين رکي وئي، جنهن مان جاري  توڙي خرچ هڪ رپيو به نه ڪيو ويو، هيومن سيٽلمينٽ کاتي جي 6 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 50 ملين رکي وئي، جنهن مان 21 ملين جاري ٿيڻ باوجود هڪ رپيو به خرچ نه ٿي سگھيو، صنعتن واري کاتي جي 22 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 1500 ملين رکي وئي، جنهن مان 1467 ملين جاري ٿيا، 775 ملين خرچ ٿيا جيڪو 52 سيڪڙو بڻجي ٿو

اطلاعات کاتي جي 9 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 200 ملين رکي وئي، جنهن مان 302 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 202 ملين خرچ ٿيا، جيڪو 66 سيڪڙو بڻجي ٿو، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي 9 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 500 ملين رکي وئي، جنهن مان 385 ملين جاري ڪيا ويا،  خرچ 282 ملين ڪيا ويا جيڪو 73 سيڪڙو بڻجي ٿو، سيڙپڪاري کاتي جي 4 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 250 ملين رکي وئي، جنهن مان 141 ملين جاري ڪيا ويا، 62 ملين خرچ ڪيا ويا، جيڪو 43 سيڪڙو ٿئي ٿو، آبپاشي کاتي جي 222 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 17 هزار ملين رکي وئي، جنهن مان 20215 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 15344 خرچ ڪيا ويا، جيڪو 75 سيڪڙو بڻجي ٿو، ليبر کاتي جي 8 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 100 ملين رکي وئي، جنهن مان 59 ملين جاري ڪيا ويا،  32 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 55 سيڪڙو ٿئي ٿو، قانون واري کاتي جي 59 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 1500 ملين رکي رئي، جنهن مان 1592 ملين جاري ڪيا ويا، 1421 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 89 سيڪڙو ٿئي ٿو، مين ڪئنالن جي لائننگ ( پڪو ڪرڻ) وارين 17 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 10000ملين رکي وئي، جنهن مان 4350 ملين جاري ڪيا ويا، 4060 ملين خرچ ڪيا ويا، جيڪو 93 سيڪڙو بڻجي ٿو، لائيواسٽاڪ کاتي جي 31 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن  1800 ملين رکي وئي، جنهن مان 576 ملين جاري ڪيا ويا، ۽ 293 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 50 سيڪڙو ٿئي ٿو، مڪاني ادارن واري کاتي جي 555 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 25500 ملين رکي وئي، جنهن مان 23248 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 15664 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 67 سيڪڙو ٿئي ٿو، ميچنگ ايلوڪيشن جي 15 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 7003 ملين رکي وئي، جنهن مان 2155 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 1876 ملين خرچ ٿيا جيڪو 87 سيڪڙو ٿئي ٿو، ڪراچي لاءِ 19 ميگا اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 8 هزار ملين ملين رکي وئي، جنهن مان 4748 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 1981 ملين رقم خرچ ڪئي وئي، جيڪو 41 سيڪڙو بڻجي ٿو

معدني وسيلن واري کاتي جي 2 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 100 ملين رکي وئي، جنهن مان 39 ملين جاري ڪيا ويا پر خرچ هڪ ٽڪو به نه ڪيو ويو! اقليتي معاملن واري کاتي جي 60 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن هڪ هزار ملين رکي وئي، جنهن مان 590 ملين جاري ڪيا ويا، خرچ رڳو 147 ملين ٿي سگھيا، جيڪو 25 سيڪڙو بڻجي ٿو، نيوڊولپمينٽ انيشيٽوز  جي هڪ اسڪيم لاءِ ايلوڪيشن 5 هزار ملين رکي وئي، جنهن مان جاري ۽ خرچ هڪ روپيو به نه ٿي سگھيو

  رٿابندي واري کاتي جي 17 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 2560 ملين رکي وئي، جنهن مان 10 24 ملين جاري ڪيا ويا ۽ خرچ رڳو 411 ملين ٿي سگھيا، جيڪو 40 سيڪڙو بڻجي ٿو، بهبودآباد کاتي جي 12 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 350 ملين رکي وئي، جنهن مان 401 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 101 ملين مس خرچ ٿي سگھيا، جيڪو 25 سيڪڙو بڻجي ٿو، سنڌ اسيمبلي جي هڪ اسڪيم لاءِ ايلوڪيشن 300 ملين رکي وئي، 100 سيڪڙو فنڊ رليز ٿيا، 297 ملين خرچ ڪيا ويا، جيڪو 99 سيڪڙو بڻجي ٿو، صوبائي محتسب جي 4 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 50 ملين رکي وئي، جنهن مان 8 ملين جاري ٿيڻ باوجود هڪ روپيو به خرچ نه ٿي سگھيو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي 375 اسڪيمن جي ايلوڪيشن 16500 ملين رکي وئي، جنهن مان 11859 ملين جاري ٿيا ۽ خرچ 64 سيڪڙو ٿي سگھيو

سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي 35 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 3500 ملين رکي وئي هئي، جنهن مان 2003 ملين جاري ٿيا ۽ 1185 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 59 سيڪڙو ٿئي ٿو، سوشل پروٽيڪشن اينڊ پاورٽي رڊڪشن جي 8 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 6 هزار ملين رکي وئي، جنهن مان 3142 ملين جاري ٿيا ۽ 1581 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 50 سيڪڙو بڻجي ٿو، سوشل ويلفيئر کاتي جي 36 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 8 هزار ملين رکي وئي، جنهن مان 105 ملين جاري ٿيا،  48 ملين خرچ ٿيا، جيڪو 45 سيڪڙو ٿئي ٿو، راندين واري کاتي جي 79 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 2800 ملين رکي وئي، جنهن مان 2178 ملين جاري ٿيا ۽ 1637 خرچ ٿيا جيڪو 75 سيڪڙو ٿئي ٿو

ٿرڪول انرجي بورڊ جي 12 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 980 ملين رکي وئي، جنهن مان 452 ملين ملين جاري ٿيا ۽ 294 ملين خرچ ٿيا جيڪو 65 سيڪڙو ٿئي ٿو، ٽرانسپورٽ کاتي جي 19 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 8200 ملين رکي وئي، جنهن مان 3249 ملين جاري ٿيا ۽ 917 ملين خرچ ٿيا، جيڪو 28 سيڪڙو ٿئي ٿو، عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي 11 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 320 ملين رکي وئي جنهن مان 161 ملين جاري ٿيا ۽ 58 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 36 سيڪڙو ٿئي ٿو، جڏهن ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي 700 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 30 هزار ملين رکي وئي پر  44444 ملين جاري ڪيا ويا،خرچ 35198 ملين ڪيو ويو، جيڪو جاري ڪيل رقم جو 79 سيڪڙو ٿئي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔