سمنڊن جو عالمي ڏهاڙو، سامونڊي وسيلن کي محفوظ ۽ آگاهي وڌائڻ لاءِ سرگرم آهيون: سربراهه پاڪ بحريا

ڪراچي: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ سمنڊن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي .

سمنڊن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ بحريا جي سربراهه ايڊمرل محمد امجدخان نيازي پنهنجو خاص پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سمنڊ اسان جي روزاني زندگي ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪندا آهن . هن سال عالمي سمنڊن جي ڏهاڙي جو موضوع ”نئين حياتي، سمنڊن لاءِ گڏيل ڪاوش“ آهي ، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ سمنڊن ۽ انهن ۾ ملندڙ ذخيرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي .

نيول چيف وڌيڪ چيو ته سمنڊن لاءِ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ نوان ۽ جديد حل ڳولهڻ جي ضرورت آهي .پاڪ بحريا سامونڊي وسيلن کي محفوظ ۽ ديرپا استعمال بابت آگاهي کي وڌائڻ لاءِ سرگرم آهي .

اڄوڪي ڏينهن، اسان سمنڊن کي پهچندر نقصان کان بچڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا .ترجمان موجب عالمي سمنڊن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ بحريا ۾ مختلف سرگرميون پڻ ڪيون پيون وڃن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔