پيٽروليم شين جا اگهه نه پيا وڌن، ناڻي واري وزير ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه پئي ٿيئي نه ئي ڪو پلان آهي.
سوشل ميڊيا تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ بابت هلندڙ خبرن جي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ بابت ڪا به سمري ناهي ملي، نه ئي پيٽروليم شين جا اگهه وڌايا پيا وڃن، ان حوالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد آهن.
ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن بابت هلندڙ ڪوڙين خبرن طرف عوام ڌيان نه ڏئي، ملڪ ۾ پيٽرول جي ڪا به قلت ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔