پاڪستان جي دوري تي پھتل جرمن پرڏيهي وزير جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي

ڪراچي: پاڪستان جي دوري تي پهتل جرمن پرڏيهي وزير جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي

پرڏيهي خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ جرمن پرڏيهي وزير پنهنجو دورو مختصر ڪندي سموريون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن

اسلام آباد پهتل جرمن پرڏيهي وزير اڄ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي هئي

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جرمن پرڏيهي وزير کي پاڪستان کانپوءِ يونان ۽ ترڪي جا به دورا ڪرڻا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔