سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊ، 946 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

ڪراچي: سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 946 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، اليڪشن ڪميشن موجب گهوٽڪي ضلعي جي ٻن وارڊز  ۾ ڪنهن به اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ 96، قمبر شهدادڪوٽ 70، جيڪب آباد 135 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، شڪارپور ۾ 94، لاڙڪاڻي ۾ 11، ميرپور خاص 65، عمر ڪوٽ ۾ 69 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن

ٿرپارڪر ۾ 18، سکر ۾ 34، گهوٽڪي ۾ 48، خيرپور ۾ 67، شهيد بينظير آباد ۾ 105 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب نوشهرو فيروز ۾ 48 ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ 87 اميدوار چونڊن کان اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن

بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن ۾ اڪثريت پيپلز پارٽي جي آهي، مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 6277 تڪن تي چونڊ ٿيڻي هئي،  هاڻ 5 هزار 331 سيٽن تي ووٽنگ ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔