ڪراچي ضلعي ڪائونسل ٻيهر ختم: ملير ۾ 3 نوان ٽائون ۽ 30 يونين ڪاميٽيون شامل

ملير :مشرف دور کانپوءِ ڪراچي ضلعي ڪائونسل توڙي ملير ۽ اولهه ضلعن جون 38 يونين ڪائونسلون  ٻيهر ختم: ملير ضلعي جي نئين سر جوڙجڪ

3 نوان ٽائون  ۽ 30 يونين ڪاميٽيون شامل، انتظاميا گڏاپ ٽائون ۾ گلشن حديد، اسٽيل ٽائون جهڙيون وسنديون شامل ڪري شهرين کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو، ان ڏس  ۾ نئين جوڙجڪ هيٺ ملير ضلعي کي 3 ٽائونن ملير، گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ۾ ورهايو ويو آهي، ملير ٽائون ۾ 10 يونين ڪاميٽيون غريب آباد، غازي دائود بروهي، جعفر طيار، خلدآباد، قائدآباد، دائود چورنگي، فيوچر ڪالوني، شرافي ڳوٺ، بختاور ۽ ڀٽائي آباد، گڏاپ ٽائون ۾ 9 يونين ڪاميٽيون گڏاپ، گهگهر، پپري، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، صالح محمد، مراد ميمڻ، درساڻو ڇنو ۽ شاهه مريد جڏهن ته ابراهيم حيدري ٽائون ۾ 11 يونين ڪاميٽيون چوڪنڊي، شاهه لطيف، ڪيٽل ڪالوني، مجيد ڪالوني، مظفرآباد، مسلم آباد، شيرپائو ڪالوني، ابراهيم حيدري، چشما، ريڙهي ۽ علي اڪبر شاهه شامل آهن

جائزي موجب ملير جي وڏي پکيڙ واري ٽائون گڏاپ جون حدون ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعن کانسواءِ بلوچستان جي لسٻيلي سان ملن ٿيون، انهي ٽائون جو هيڊڪوارٽر وري سپر هاءِ وي تي بحريا ٽائون ويجهو ٺاهيو ويو ويو آهي، گڏاپ ٽائون ۾ شامل ڪيل گلشن حديد، شاهه لطيف ٽائون، گهگهر، پپري، اسٽيل ٽائون، نشترآباد جي عوام کي سرڪاري ڪم ڪار لاءِ 50 ڪلو ميٽر پري وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، اهي علائقا اڳ ۾ اڳوڻي بن قاسم ٽائون ۾ شامل هئا، جنهن جي آفيس ڄاڻايل علائقن کان رڳو پنجن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔