تال فلم ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي اداڪارا سمجهيو: ايشوريا راءِ

ممبئي : بالي ووڊ فلم انڊسٽري کي ڪيتريون ئي مقبول فلمون ڏيندڙ اداڪارا ايشوريا راءِ پنهنجي هڪ فلم تائين پاڻ کي اداڪارا ئي نه سمجهندي هئي

ان حوالي سان سندس هڪ انٽرويو پڻ ڏنل آهي جنهن ۾ اداڪارا اهو چوي ٿي ته هوءَ سونهن راڻي بڻي، سونهن راڻي بڻجڻ سولو آهي پر مان پاڻ کي اداڪارا نه سمجهندي هيس

اداڪارا ايشوريا راءِ موجب هن جڏهن تال فلم ۾ ڪم ڪيو تڏهن هن پاڻ کي مڪمل اداڪارا سمجهيو، ڇو ته هن فلم لاءِ جيڪا محنت ڪئي هئي تنهن تي کيس فخر آهي. ايشوريا ٻڌايو ته ان فلم کانپوءِ منهنجي سڃاڻپ هڪ اداڪارا طور ٿي ۽ مان مطمئن هيس توڙي جو فلم ڪا وڏي مقبول ڪونه ٿي هئي پر فلم ۾ منهنجي اداڪاري منهنجي لاءِ مطمئن ڪندڙ هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔