اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد بليغ الرحمان کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر عارف علوي بليغ الرحمان کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 101(1) جي تحت ڏني.
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف صدر ڊاڪٽر علوي کي بليغ الرحمان کي پنجاب جو گورنر بنائڻ جي سفارش ڪئي هئي پر صدر عارف علوي وزيراعظم جي پهرين سمري رد ڪري ڇڏي هئي.
جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪرڻ لاءِ ٻيهر سمري اماڻي هئي.