ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا جو گهر مان لاش هٿ

نئين دهلي : ڀارت جي نوجوان ماڊل بديشا ڊي مجمدر پنهنجي اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ هٿ ڪئي وئي. پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته اربع جي شام ڪولڪتا جي ناگر بازار ۾ واقع اپارٽمينٽ ۾ پاڙيسرين در ٽوڙيو ته بديشا ڊي مجمدر جو لاش مليو

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب پوليس ٻڌايو ته هڪ 21 ورهين جي ماڊل بديشا ڪولڪتا ۾ پنهنجي ڪرائي جي اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ ملي آهي

پوليس موجب لاش ويجهو هڪ نوٽ مليو آهي جنهن ۾ لکيو هو ته هو ڪيريئر جي موقعن جي کوٽ سبب انتهائي قدم کڻي رهي آهي. ماڊل جو واسطو اترئين علائقي سان هو ۽ هو برائيڊل ميڪ اپ ۽ فوٽوشوٽس ۾ مقبول هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔