قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو آھي، حڪومت نيب آرڊيننس ۾ ترميم جو بل به سينيٽ مان منظور ڪرائي ورتو

بلز جي منظوري دوران اپوزيشن طرفان احتجاج ڪيو ويو، سينيٽ چيئرمين جي چئمبر اڳيان بيهي گوڙ ۽ نعريبازي، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو آهي ته بلز جي منظوري سان حڪومت جي بدنيتي واضح ٿي وئي

ھن چيو تھ  اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ واري حق تان هٿ نه کڻنداسين، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ٿيل هاڪاري قانونسازي جو اڄ جنازو ڪڍيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔