پيٽرول مهانگو ، سون سستو ، انٽر بينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 51 پيسا سستو ٿي ويو

ڪراچي:  پاڪستان ۾ پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان ئي سون سستو ٿي ويو ، انٽر بينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 51 پيسا سستو ٿي ويو .

فاريڪس ڊيلر موجب انٽر بينڪ ۾ ڊالر 200 رپيا 50 پيسن جي سطح تي ٽريڊ ٿي رهيو  آهي ، گذريل ڏينهن ڊالر  202 رپيا 50 پيسن جي نئين بلند ترين سطح تي اچي ويو هو .

معاشي ماهرن موجب ملڪي سياسي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف کان قرض نه ملڻ ڪري پاڪستاني ڪرنسي دٻاءَ جو شڪار رهي .

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون هيون . آءِ ايم ايف پيٽرول ، ڊيزل ۽ بجلي جون قيمتون وڌائڻ تائين ايندڙ قسط جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔