سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرمين جي موڪلن جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران صوبي جي اسڪولن ۾ گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي .

تعليم کاتي موجب پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين صوبي جي مڙني تعليمي ادارن ۾ گرمين جون موڪلون هونديون .

ان ڏس ۾ تعليم کاتي سنڌ پاران هڪ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي ، جنهن ۾ موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي .

واضح رهي ته گذريل ڪيترن ئي سالن دوران رمضان جي مهيني کان تعليمي ادارن ۾ گرمين جي شروعات ٿي رهي هئي جيڪي جون جي پڇاڙي ۾ ختم ٿينديون هيون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔