ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي، جيڪب آباد ۾ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ

ڪراچي: سموري ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي ۽ اڄ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته سبي ۽ دادو ۾ پارو 49 رهيو.
موسميات کاتي موجب نوابشاهه، سکر ۽ ڊيرا غازي خان ۾ 48، لاڙڪاڻي ۾ 46، ملتان ۾ 45، لاهور، سکر ۽ پشاور ۾ 44، فيصل آباد، سرگودها ۽ جهنگ ۾ 43، اسلام آباد، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 41، ڪوئٽه ۾ 38، گلگت ۾ 35 ۽ ليه ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 20 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاکڻي علائقن ۾ هڪ هفتي دوران سخت هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب گرمي جي تازي لهر 16 مئي تائين برقرار رهي سگهي ٿي.
چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته 11 کان 4 وڳي دوران شهري ٻاهر نڪرڻ ۾ احتياط ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔