اڳوڻي سريلنڪن وزيراعظم راجاپاڪسي جي ملڪ ڇڏڻ تي پابندي

ڪولمبو : سريلنڪا ۾ هڪ عدالت اڳوڻي وزيراعظم مهندرا راجاپاڪسي ۽ ان جي ويجهن اتحادين جي ملڪ ڇڏڻ تي پابندي هڻي ڇڏي.

هن هفتي حڪومت مخالف احتجاجين ۽ راجاپاڪسي جي حمايتين وچ ۾ تڪرار کانپوءِ هن ئي هفتي سومر تي وزيراعظم پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

سريلنڪا ۾ هن وقت سخت اقتصادي بحران آهي ۽ ڪيترن ئي هفتن ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي.

عدالت طرفان مهندرا راجاپاڪسي، ان جي پٽ نمل ۽ 15 قانون سازن کي چيو ويو آهي ته اهي ملڪ نٿا ڇڏي سگهن.

عدالت طرفان پوليس کي به حڪم ڏنو ويو آهي ته اها حڪومت مخالف احتجاجين تي حملن جي شفاف جاچ ڪري.

واضح رهي ته انهن پرتشدد واقعن ۾ 250 ڄڻن کي اسپتال وڃڻو پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔