ڪورڪمانڊر پشاوربابت سينيئرسياستدانن جا تازا بيان نامناسب آهن: ترجمان پاڪ فوج

اسلام آباد: پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) ڪور ڪمانڊر پشاور بابت سينيئر سياستدانن جي تازي بيانن کي انتهائي نامناسب قرار ڏئي ڇڏيو آهي

آءِ ايس پي آر چيو ته پشاور ڪور پاڪستان آرمي جِي مشهور فارميشن آهي، جيڪا ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اُن اهم ڪور جِي قيادت سدائين بهترين پروفيشنل هٿن ۾ سونپي وئي آهي

آءِ ايس پي آر چيو ته اهڙن بيانن سان فوج ۽ قيادت جَي مورال ۽ عزت تي ناڪاري اثر پوندا آهن، سينيئر سياسي قيادت مان اميد آهي ته اُهي اداري خلاف اهڙن تڪراري بيانن کان پاسو ڪندا

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان تفصيلي بيان جاري ڪيو آهي، ڊگهي عرصي کان چئي رهيا آهيون ته فوج جو سياست سان واسطو ناهي، ڪجهه ڏينهن کان سياسي ليڊر شپ جا بيان انتهائي نامناسب آهن

ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته درخواست تي آهي ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي، آرمي چيف جي مقرري جو طريقيڪار آئين ۾ واضح آهي، پاڪستان جي قانون تحت فوج کي سياست کان پري رهڻ جو حڪم آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔