ايف آءِ اي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي پيروي کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي ؛ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) وزير اعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شريف خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪيس جي پيروي کان به منع ڪري ڇڏيو، ايف آءِ اي جي اسپيشنل پراسيڪيوٽر سڪندر ذوالقرنين عدالت ۾ حقيقت ٻڌائي ڇڏي

اسپيشل پراسيڪيوٽر سڪندر ذوالقرنين طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي ايف آءِ اي جاچ آفيسر ذريعي پيغام پهچايو ته هو پيش نه ٿئي، ڊي جي هاڻي ڪيس جي پيروي ڪرڻ نٿو چاهي

درخواست ۾ چيو ويو ته جاچ آفيسر چيو ته شهباز شريف وزيراعظم ۽ حمزا شهباز وڏو وزير آهي، انتهائي ضروري آهي ته هي مامرو عدالت ني نوٽيس ۾ اچي، جنهن کانپوءِ عدالت سڪندر ذوالقرنين جي درخواست کي رڪارڊ جو حصو بڻايو

اسپيشل جج سينٽرل اعجاز حسن اعواڻ اسپيشل پراسيڪيوٽر جي درخواست تي حڪم جاري ڪندي چيو ته اسپيشل پراسيڪيوٽر سڪندر ذوالقرنين ٽرائل ۾ عدم دلچسپي جي درخواست داخل ڪئي هئي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کيس شهباز شريف خلاف پيش نه ٿيڻ جو چيو هو

اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي وزيراعظم ۽ وڏو وزير ٿيڻ جي ڪري روڪيو ويو، اختيارين شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف ٽرائل ۾ دلچسپي ناهي ڏيکاري، اسپيشل پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي جي عدم پيشي جي درخواست کي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو

ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي ته به ايف آءِ پنهنجي پراسيڪيوٽر سڪندر ذوالقرنين کي پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔