نيب چيئرمين پي اي سي اڳيان پيش ڇو نه ٿيو، ڪارڻ منظرعام تي اچي ويا

اسلام آباد: نيب چيئرمين طرفان پي اي سي اڳيان پيش نه ٿيڻ جا ڪارڻ منظرعام تي اچي ويا آهن، وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي بدران ڊي جي نيب جي پيش ٿيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نيب طرفان قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ پيش ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته نيب چيئرمين پي اي سي سوڌو ڪنهن به آئيني اداري اڳيان پيش نه ٿيندو، هاڻي اسٽينڊنگ ڪميٽيز ۾ نيب چيئرمين جي نمائندگي ڊي جِي نيب ڪندو

پي اي سي چيئرمين رانا تنوير حسين چيو آهي ته سيڪريٽري ڪابينا کان نيب جي خط جا تفصيل طلب ڪرڻ لاءِ خط لکنداسين، جيڪڏهن قانون وزيراعظم کي چيئرمين جي جڳهه تي ڊي ڊي کي نمائيندگي جو اخيار ڏيئي ٿو ته تسليم ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔