خبر ناهي ڪيترا الطاف بڻجندا، 70 سالن کان اندرون سنڌ مان وزيراعليٰ بڻجي ٿو: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد: پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اڄ جهڙيون حالتون آهن خبر ناهي ته ڪيترا الطاف حيسن بڻجندا، اڄ اُهڙي طرح جون خراب حالتون هيون جو ايم ڪيو ايم ٺهي آهي؟

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته منهنجي دور ۾ توهان ڪڏهن ٻڌو ته چيف جسٽس عدالت لڳائي هجي، منهنجي دور ۾ ڪڏهن توهان ڏٺو ته آرمي چيف نالن جي صفائي ڪرائي، هي 1971ع ۾ هيڏي تون هوڏي مان جو نعرو هڻڻ وارا آهن

هن چيو ته هي سنڌ ۾ به اهائي صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ 18 بنيادي تبديليون ڪيون ويون آهن، ستر سالن کان وزيراعليٰ اندرون سنڌ مان بڻجي ٿو، سنڌ جي صوبائي حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي

هن چيو آهي ته اڄ ڪراچي پرامن شهر آهي، ان ۾ نوجوانن جو حصو آهي، پيپلزپارٽي جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان مان ڪيترو وقت امن قائم رهندو؟ اسان ”را“ جو مقابلو ڪري ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو، ڪراچي جو مقامي مسئلو نه پر پاڪستان جي سلامتي جو مسئلو آهي

هن چيو آهي ته افغانستان ۾ جنگ ختم ناهي ٿي، پاڪستان منتقل ٿي رهي آهي، خدانخواسته هي پاڪستان کان بدلو وٺندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔