اسپتالون ڪرونا مريضن سان ڀرجي ويون تھ لاڪ ڊائون لڳائينداسين: عذرا پيچوهو

حيدرآباد: سنڌ جي صحت کاتي واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ ۾ اومي ڪرون متاثرن جي شرح ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي

حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي اوميڪرون جا ڪيسز وڌندي نظر اچن ٿا، اشارا ملي رهيا آهن ته هڪ ٻن مهينن ۾ ڪيسز هزارن تائين وڌي ويندا

هن چيو آهي ته في الحال لاڪ ڊائون ڏانهن نه پيا وڃون، اسپتالون ڀرجي ويون ته وري لاڪ ڊائون ڪري سگهجي ٿو، ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ضروري آهي

هن چيو آهي ته جيڪڏهن ويڪسين نه ڪئي وئي ته پکيڙ وڌي ويندي، جن کي ڇهن مهينن لاءِ ٻيو ڊوز آهي انهن کي به بوسٽر ڊوز ڏيڻو پوندو، جلد لاڪ ڊائون نه ٿيندو، شايد ننڍو لاڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔