سپريم ڪورٽ جو حڪم: نسله ٽاور جون 7 منزلون ڊاهي پٽ

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ڪراچي ۾ نسله ٽاور جون 7 منزلون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن, عدالت جي حڪم تي نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو عمل جاري آهي جنهن لاءِ مشينري لڳائي وئي آهي ۽ عمارت جون 7 منزلون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن

اختيارين موجب نسلا ٽاور جي 4 منزلن تي پارڪنگ ۽ 11 منزلن تي رهائشي فليٽ هئا، جن مان 7 منزلون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن جڏهن ته باقي فلور ڊاهڻ جو ڪم جاري آهي

ٽريفڪ پوليس موجب نسلا ٽاور جي آس پاس جا سمورا رستا حفاظتي قدمن سبب بند ڪيا ويا آهن

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ شارع فيصل تي نسله ٽاور جي منصوبي جي منظوري ڏيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي عمارت کي هڪ هفتي اندر مڪمل طور ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

نسلا ٽاور جي غيرقانوني اڏاوت جي به جاچ جاري آهي ۽ جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته نسلا ٽاور جو نقشو 2013ع ۾ منظور ڪيو ويو هو، ان وقت صفدر مگسي ايس بي سي اي جمشيد ٽائون جو ڊائريڪٽر هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔