نيب چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پيش نه ٿيو، ٻيهر طلب ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڪميٽي احتجاج طور اجلاس ملتوي ڪندي نيب چيئرمين جي ٻيهر طلبي جو فيصلو ڪري ورتو، ڪميٽي ميمبرز طرفان نيب چيئرمين جي عدم پيشي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي

پي اي سي چيئرمين رانا تنوير چيو آهي ته نيب چيئرمين کي پنهنجي دور ۾ خرچ ٿيل پئسي جو جواب ڏيڻو پوندو، حڪومت نيب چيئرمين کي جوابده نه بڻايو ته اها زيادتي هوندي

هن چيو آهي ته نيب چيئرمين کي اچڻ گهرجي ها ۽ ايندو، چيئرمين نيب کي خط لکي رهيو آهيان، نيب طرفان لکيل خط ڪابينا سيڪريٽريٽ کان خط جا تفصيل طلب ڪيا ويندا

هن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پوزيشن ۽ نيب چيئرمين جي پوزيشن هڪ جهڙي ناهي، نيب سربراهه احتساب جي قابل آهي، جيڪڏهن حڪومت هن جو احتساب نه ڪيو ته اها زيادتي هوندي

هن چيو آهي ته چيئرمين نيب کي پنهنجي دور ۾ خرچ ڪيل رقم جو حساب ڏيڻو پوندو، سيڪريٽري ڪابينا ٽيليفون ۽ لکت ۾ آگاهه ڪري ته ڇا هي قانون موجب نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

چيئرمين پي اي سي چيو ته جيڪڏهن ڪو هڪڙو ماڻهو وزيراعظم کي تمام گهڻو پيارو آهي ته ان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي

پ پ اڳواڻ نويد قمر ۽ شيري رحمان چيو آهي ته نيب چيئرمين پارليامينٽ اڳيان جوابده ٿيڻ نٿو چاهي، نيب چيئرمين احتساب کان ڊڄي رهيو آهي، ڇا احتساب رڳو سياستدانن لاءِ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔