ڪراچي ۾ خانگي ادارن ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ لاءِ پئسا وٺڻ جو انڪشاف

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪجهه خانگي ادارن ۾ ڪورونا جي ويڪسين لڳائڻ لاءِ پئسا وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب شهرين شڪايت ڪئي آهي ته خانگي ليبارٽريون ڪورونا جي ويڪسينيشن لاءِ هزارين رپيا وصول ڪري رهيون آهن

هڪ شهري موجب خيابان شهباز ۽ ڊي ايڇ اي ۾ ليبارٽريز ڪورونا ليباريٽري ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ پئسا وٺي رهيون آهن

ٻئي طرف صوبائي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا جي ويڪسين پرائيويٽ ڪمپنين کي به ڏني آهي، شهري پئسا وٺن جي شڪايت صحت کاتي کي ڪن، شهري ويڪسينيشن سينٽر يا گهر تي لڳرائڻ جي ڪا به فيس ناهي، شهري ويڪسين ۽ بوسٽر مفت لڳرائن ۽ ۽ اومي ڪرون کان محفوظ رهن

ان کان علاوه صحت واري وفاقي وزارت چيو آهي ته ڪورونا جي ويڪسين سڄي پاڪستان ۾ مفت دستياب آهي، صوبائي حڪومتون پنهنجي صوابديد تي خانگي ادارن کي ويڪسين ڏئي سگهن ٿيون، پر ويڪسينيشن لاءِ پيسا وٺڻ ڏوهه آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔