اسلام آباد هاءِ ڪورٽ: مريم نواز ۽ شاهد خاقان خلاف توهين عدالت جي اپيل رد

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار تي تنقيد ڪرڻ بابت مريم نواز ۽ شاهد خاقان خلاف توهين عدالت جي اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت چيف جسٽس اطهر من الله جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ اپيل خارج ڪري ڇڏي

سنگل بينچ جي فيصلي خلاف مقامي وڪيل پاران انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهرتي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي

عدالت چيو ته درخواستگذار نه ٻڌائي سگهيا ته ڪهڙي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي عدالت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ٿي، ڪنهن جي به مطالبي تي توهين عدالت جي ڪارروائي نٿي ٿي سگهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي درخواست رد ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔