عدالت ڊي جي ڪي ڊي اي کي ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي مقامي عدالت ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) آصف ميمڻ خلاف ڪيس اڪلائي ڇڏيو

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ ۾ ڊي جي ڪي ڊي اي آصف ميمڻ خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت آصف ميمڻ خلاف ڪيس داخل ڪندي گرفتار جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو.

عدالت آصف ميمڻ کي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو جڏهن ته گرفتار جوابدار عاطف کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو.

واضح رهي ته ڊي جي آصف علي ميمڻ کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ زمينن جي غلط الاٽمينٽ ۾ ملوث سرڪاري جوابدارن کي به گرفتار ڪري سندن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔