نيب مسئلو نه، پر مسئلي جو حل آهي: نيب چيئرمين

ڪراچي : قومي احتساب بيورو (نيب) چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آھي تھ نيب مسئلو نه، پر مسئلي جو حل آهي، بي شڪ نيب جي ساراهه نه ڪريو، پر تنقيد براءِ تنقيد به نه ڪريو

ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو ته سکر ۾ 20 ارب رُپين جِي ڪڻڪ جَي ذخيرن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي، اسان جي پُڇڻ تي جواب مليو ته ڪوئا ڪڻڪ کائي ويا،  چانهه جي پيالي تي برپا ٿيل طوفان جو ڪو به  سبب نه هو، حقيقتن جي ڄاڻ نه هجڻ باوجود عالماڻي راءِ ڏني ويندي آهي

ھن چيو تھ سکر ۾ ڪڻڪ جي 20 ارب رپين جا ذخيرا ھيڏانھن ھوڏانھن ٿي ويا، ڪڻڪ بابت پڇيو تھ چيو ويو تھ ڪوئا کائي ويا، پوءِ انھن ڪوئن کي پڪڙيوويو ۽ 20 ارب رپيا ريڪور ڪيا ويا

جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو تھ جيڪڏھن ڪنھن ھائوسنگ سوسائٽي 14 ارب ادا ڪيا تھ اھي نيب تجوري ۾ نھ آيا، جيڪڏھن نيب نھ ھجي ھا تھ 14 ارب ريڪور ٿين ھا نھ ماڻھن کي ملن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔