وزيراعظم کي غريبن جي تمام گهڻي ڳڻتي آهي: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين اعتراف ڪيو آهي ته معاشي ترقي جا ثمر اڄ تائين عوام تائين نه پهتاچ آهن، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته 74 سال عوام کي رڳو خواب ڏيکاريا ويا، معاشي ترقي جا ثمر اڄ تائين عوام تائين نه پهتا، هاڻي هڪ شخص عمران خان آيو جنهن چيو ته معيشٽ کي عوام جي لاءِ ترقي ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته ڪجهه اهڙو ڪيو جنهن سان غريب عوام کي تڪليف نه ٿئي

هن چيو ته ليڊر هڪ ئي آهي جنهن جو نالو عمران خان آهي، پهريان عمران ۽ پوءِ ان جي حڪومت لاءِ دعا ڪيو، وزيراعظم عمران خان اهو شخص آهي جيڪو مديني جي رياست تي يقين رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته غريبن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ انتظار نه ڪيو وڃي، وزيراعظم چوي ٿو ته ڪجهه ڪريو ته جيئن غريبن کي ڪنهن جي اڳيان هٿ نه کڻڻو پوي، هيٺين طبقي ۾ خوشحالي ايندي ته پاڪستان حقيقي پاڪستان بڻجي ويندو، جيستائين مان ناڻي وارو وزير آهيان عمران خان جو اهو خواب پورو ڪندو رهندس

ناڻي واري وزير چيو ته ماضي ۾ ثمر مٿان کان هيٺ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر عملي طور تي ڪجهه نه ٿيو، فلاحي رياست جو بنياد رکيو ويو آهي، هاڻي وڏيون بئنڪون زراعت جي شعبي ۾ قرض فراهم ڪنديون ۽ زراعت ۾ 3 سالن لاءِ بنا سود قرض ڏنا ويندا

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔