اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبندين جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبندين جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ تڪبندين جي حوالي سان انتظاميا جي تياري 14 جنوري تائين مڪمل ڪئي ويندي

شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي يوسيز ۽ وارڊز جي ابتدائي فهرست 17 جنوري کان 15 فيبروري تائين تيار ڪندي، 16 جنوري تي تڪبندين بابت شروعاتي فهرست پڌري ڪئي ويندي، 17 فيبروري کان 4 مارچ تائين تڪبندين خلاف اعتراض جمع ڪرائي سگهبا، 21 مارچ تائين اُهي اعتراض اُڪلايا ويندا، سنڌ ۾ يوسيز وارڊز جون حتمي تڪبنديون 24 مارچ تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔