مني بجيٽ جي منظوري، وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪرڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت مني بجيٽ جي منظوري لاءِ سڀاڻي ڪابينا جو اجلاس ٻيهر طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ رڳو هڪ نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته ميمبرن کي مني بجيٽ تي بريفنگ ڏني ويندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سڀاڻي مني بجيٽ جي منظوري ڏيندي

ذريعن موجب مني بجيٽ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ايندڙ ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي

ٻئي طرف وفاقي ڪابينا جي اڄوڪي اجلاس ۾ فنانس ترميمي بل پيش نه ٿي سگهيو

ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين مني بجيٽ تي بحث ڪندي چيو ته فنانس ترميمي بل تيار آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔