ايف بي آر جا 4 وڏا آفيسرز ڪروڙن جي اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف، ڪارروائي جي هدايت

ڪراچي: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ان لينڊ يونيو سروس جا 4 اعليٰ آفيسر ڪروڙين روپين جي جعلي ٽيڪس ريفنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

وفاقي ٽيڪس محتسب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي ٽيڪس محتسب طرفان سوموٽو نوٽيس ذريعي ڪيل جاچ ۾ ايف بي آر جي ان لينڊر يونيو جي گريڊ 21 جو آفيسر ۽ چيف ڪمشنر ڪارپوريٽ ٽيڪس آفيس لاهور چوڌري محمد طارق جيڪو ان وقت ايڊيشنل ڪمشنر آءِ آر مقرر هو، گريڊ 21 جي ميمبر بي ناملي ايڊجيوڪيٽنگ اٿارٽي سيد نديم حسين رضوي جيڪو ان وقت ڪمشنر سي آر ٽي او لاهور مقرر هو ۽ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر آءِ آر اشفاق احمد چارئين آفيسرز مجموعي طور تي 12 ڪروڙ 33 لک 64 هزا رپين جي جعلي ٽيڪس ريفنڊ ۾ ملوث نڪتا

جاچ موجب ميسرز چائنا نيشنل اليڪٽرڪ وائر اينڊ ڪيبل امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ ڪارپوريشن ايسوسي ايشن جيڪو ايسوسي ايشن آف پرسنز جي طور تي رجسٽرڊ ڪمپني آهي جنهن 2012ع ۾ 2 ڪروڙ 61 لک 19 هزار رپين جا انڪم ٽيڪس ريفنڊ جو ڪيس داخل ڪيو، نان ريذڊنٽ ڪمپني هجڻ جي ناطي 2012 جي لاءِ انڪم ٽيڪس ريفنڊ جو ڪليمز ناقابل قبول هجڻ گهرجن ها

پوسٽ آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته ڪمپني 2007، 2008، 2009 ۽ 2011 ۾ ٽيڪس ريفنڊ ڪليم داخل ڪيا جيڪي سلسليوار ٻه ڪروڙ 67 لک 78 هزار، 2 ڪروڙ 52 لک 64 هزار، 7 ڪروڙ 11 لک 51 هزار ۽ هڪ لک 70 روپيا آهن

وفاقي ٽيڪس محتسب آفيسرن کي کي فوري طور تي سندن موجوده عهدن تان هٽائڻ انهن خلاف فوجداري ۽ انضباطي ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔