ن ليگ وارا بوٽ پالش جو سامان کڻي بيٺا آهن، ڪير بوٽ اڳتي ڪري ئي نٿو: فواد چوڌري

ڪراچي: سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي هڪ بيان ۾ ن ليگ تي سخت تنقيد ڪئي آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته جيڪي ماڻهو ڏيهه واپسيءَ لاءِ ڊيلن جو انتظار ڪري رهيا آهن اهي سياست ۾ بونا ئي رهندا

هن چيو ته ن ليگ وارا بوٽ پالش ڪرڻ جو سامان کڻي بيٺا آهن، پر ڪير بوٽ اڳتي ڪري ئي نه پيو

ن ليگ جي حوالي سان هن چيو ته توهان پاڪستان جا ڪارا دور آهيو ۽ هوائن جو رخ هاڻي توهان ڏانهن ناهي، روشني ٿي وڃي ته اونداهي ختم ٿي ويندي آهي ۽ پاڪستان ۾ اهوئي ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔