ھاءِ ڪورٽ نجي اسڪولن کي داخلا ۽ سالياني فيس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو

پشاور؛ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ خيبرپختونخواهه پرائيويٽ اسڪولز ريگيوليٽري اٿارٽي خانگي اسڪولن کي داخلا ۽ سالياني فيس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آھي

پرائيويٽ اسڪولز ريگيوليٽري اٿارٽي خيبرپختونخواھ پاران جاري ڪيل بيان موجب خانگي اسڪول داخلا ۽ سالياني فيس نه وٺندا

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرائيويٽ اسڪولن پاران داخلا يا سالياني فيس وصول ڪرڻ پرائيويٽ اسڪولز ريگيوليٽري اٿارٽي ايڪٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي هوندي ۽ اهڙن اسڪولن خلاف نه رڳو توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي پر ڪي پي ڪي جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، انهن خلاف ايس آر اي ريگيوليشن 2018 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔