سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي: فواد چوڌري

اسلام آباد؛ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي، پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي تائين محدود ٿي ويندي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ اڄ به ڪو اُميدوار نٿو ملي، نواز ليگ ڪي پي مان ختم ٿي وئي آهي

هن چيو ته مريم نواز ڪي پي ۾ پنهنجي شڪست جو جشن ملهائي رهي آهي، حڪومت جو مقابلو سياسي ڄامڙن سان آهي، اپوزيشن جي سياست ٽي وي جي سهاري هلي ٿي

فواد چوڌري وڌيڪ چيو آهي ته ٽي وي تي ڪوريج بند ٿيڻ سان سندن سياست ختم ٿي ويندي، هنن قرض وٺي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، اسان اڃا تائين سندن قرضن جون قسطون ڀري رهيا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔