سکر: غير قانوني ڀرتيون، اڳوڻي ڊي ايڇ او کي 7 سال ٽيپ

سکر: سکر جي احتساب عدالت سانگهڙ ضلعي جي صحت کاتي ۾ ڀرتين واري مامري ۾ اڳوڻي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر غلام حسين انڙ کي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت پاران اڳوڻي ڊي ايڇ او کي 7 سال قيد ۽ 10 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، احتساب عدالت سکر جي جج فريد انور قاضي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو

جوابدار خلاف تي غير قانوني طور ڀرتيون ڪرڻ جو ريفرنس داخل ٿيل هو، عدالت ضلعي ۾ هڪ کان گريڊ پنجين تائين 94 ڀرتين جي ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو

جوابدار ضمانت تي هو، عدالت پاران سزا ٻڌائڻ کانپوءِ کيس جيل موڪليو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔