مڪاني چونڊون: ذميوارن جي نشاندهي۽ جاچ جي ڪا به رپورٽ وزيراعظم کي ناهي ڏني وئي

ڪراچي(م ڊ) خيبرپختونخواهه حڪومت مڪاني چونڊن ۾ شڪست جي جاچ ۽ ناڪامي جي ذميوارن جي نشاندهي تي ٻڌل رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان ۽ وڏي وزير جي سڌ سماءَ واري خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف انڪوائري رپورٽ بابت خبرن جي ترديد ڪئي آهي

بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن بابت وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن، وزيرن ۽ چونڊيل ميمبرن تي مڪاني چونڊن ۾ ناڪامي جو ذميوار قرار ڏنو ويو

هن چيو ته صوبائي حڪومت اهڙن سمورن الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي واضح ڪري ٿي ته اهڙي ڪا به رپورٽ وزيراعظم کي پيش ناهي ڪئي وئي

ترجمان چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن جي نتيجن ۽ ٽڪيٽن بابت هن وقت تائين ڪا به انڪوائري نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ وڏي وزير محمود خان وچ ۾ ملاقات ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي نتيجن ۽ پارٽي ڪارڪردگي جو جائزو ضرور ورتو ويو آهي

گذريل ڏينهن هڪ رپورٽ سامهون آئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته خيبرپختونخواهه ۾ اهم ماڻهن کي ٽڪيٽون ورهائڻ سبب پي ٽي آءِ کي شڪست ملي، جنهن جي رپورٽ وزيراعظم کي ڏني وئي آهي

ياد رهي ته 19 ڊسمبر تي خيبرپختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ جميعت علماءِ اسلام ف پنهنجي مخالفن کي اپ سيٽ شڪست ڏني، چئن مان ٽن شهرن جا ميئر جون سيٽون کٽيون، جن ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي راڄڌاني پشاور به شامل آهي، پي ٽي آءِ هڪ به ميئر جي سيٽ نه کٽي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔