نواز شريف جلد وطن واپس ايندو: مريم نواز

اسلام آباد؛ مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف پارٽي جو سربراهه آهي پر فيصلي جا اختيار نواز شريف وٽ آهن، ميان صاحب وطن واپسي لاءِ بي چين آهي، هو جلد واپس ايندو ۽ عمران خان لاءِ اڃا ڀه خراب وقت اچڻ وارو آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ جي يو آءِ ف جي شاندار ڪاميابي تي خوشي ٿي، مولانا فضل الرحمان کي مبارڪباد ڏيان ٿي، ترقي ڪي پي جو به حق آهي، ن ليگ جي ماڻهن کي به چونديس ته ڪي پي تي ڌيان ڏيو

چيو ته هڪ مشرف هو جيڪو چوندو هو ته نواز شريف ختم ٿي ويو ۽ هڪ اهڙو وقت آيو جڏهن مشرف نواز شريف کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيندي ڏٺو، اڄ مشرف جو نالو مٽجي ويو، هو پاڪستان جو آئين ٽوڙيو، تاريخ اڄ مشرف کي هڪ ڊڪٽيٽر جي روم ۾ سڃاڻي ٿي، طاقت ۽ پاور تي الله جو فيصلو هلندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔