ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي ڪيترن ئي جڳهن تي اپ سيٽ شڪست

ڪراچي: خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ کي ڪيترن ئي جڳهن تي اپ سيٽ شڪست ٿي آهي, خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پي ٽي آءِ کي نه رڳو اپ سيٽ شڪست ٿي پر هن جي مخالف جماعت جي يو آءِ ف هن کان اڳتي به نڪري وئي

چئن شهرن ۾ ميئر جون چونڊون ٿي رهيون آهن، جن مان مردان ۾ اي اين پي ۽ ڪوهاٽ ۾ جي يو آءِ (ف) جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته ٻين ٻن شهرن ۾ پي ٽي في الحال پوئتي نظر اچي رهي آهي

64 تعلقن مان 19 تي جي يو آءِ اڳتي آهي، پي ٽي آءِ 15 ۽ 12 تعلقن تي آزاد اميدوار اڳتي آهن، جڏهن ته 8 تعلقن ۾ عوامي نيشنل پارٽي کي برتري حاصل آهي

جماعت اسلامي 3، تحريڪ اصلاح پاڪستان ۽ مسلم ليگ ن 2  جڏهن ته پيپلز پارٽي هڪ تعلقي ۾ اڳتي آهي

بونير جي 6 مان 4 تعلقن تي پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

بونير ضلعي جي 6 تعلقن مان 4 ۾ پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جن ۾ چغرزئي، ڊگر، گاديزئي ۽ گاگرا شامل آهن، جڏهن ته ٻن تعلقن جا نتيجا اڃا اچڻا آهن، ان مان خدوخيل تعلقي ۾ 93 سيڪڙو نتيجن موجب پي ٽي آءِ محمد افسر اڳتي آهي، جڏهن ته بونير جي تعلقي طوطائي ۾ اي اين پي جو اميدوار اڳتي آهي

ضلعي صوابي جي تعلقي صوابي ۾ پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله 29 هزار 363 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته اي اين پي جو محمد اڪمل خان 21 هزار 50 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو

صوابي ضلعي جي تعلقي لاهور ۾ مسلم ليگ ن جو عادل خان اڳتي آهي، صوابي جي تعلقي ٽوپي ۾ جي يو آءِ جو محمد رحيم اڳتي آهي، ڪرڪ تعلقي جي بانڊا دائود شاهه ۾ پي ٽي آءِ جو اڳتي آهي، ڪرڪ تعلقي ۾ اي اين پي جو عبدالرحمان کي برتري حاصل آهي جڏهن ته  پي ٽي آءِ جو عظمت الله خان ٻئي نمبر تي آهي

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔