آءِ جي اسلام آباد جي نگراني ۾ پوليس مقابلو، 2 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي: آءِ جي اسلام آباد احسن يونس جي نگراني ۾ پوليس مقابلي ۾ بلال گينگ جا 2 ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا آهن

اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون فيز 8 ۾ ڦورن پوليس جي ٽيم تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، جن جو پيڇو ڪيو ته ڏوهاري هائوسنگ سوسائٽي جي هڪ گهر ۾ گهڙي ويا

ترجمان موجب پوليس اهلڪارن گهر کي گهيري ۾ آندو ته جوابدارن ٻيهر فائرنگ ڪئي، جنهن جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا ۽ ڦورن ۾ اهلڪار به زخمي ٿيا

آءِ جي اسلام آباد محمد احسن يونس ان حوالي سان ٻڌايو ته فيز 8 کان خانگي هائوسنگ سوسائٽي تائين جوابدارن 3 ڀيرا فائرنگ ڪئي ۽ آپريشن جي نگراني پاڻ ڪندو رهيس، پوليس مقابلي ۾ مارجي ويلن ۾ بلال گينگ جو واجد ۽ ارشد شامل آهن، جڏهن ته فرار ٿيل ٽن جوابدارن جي ڳولا جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔