ڪراچي: صبا اسلم جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي بلال ڪالوني ۾ سماج سڌارڪ ناري صبا اسلم جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اعتراف ڪيو ته صبا اسلم پاڙي ۾ سماجي ڀلائي جي آفيس کولي هئي ۽ ماڻهن جا ڪم ڪندي جيڪو کيس نه وڻندو هو

پوليس موجب جوابدار غضنفر جاچ دوران چيو آهي ته قتل واري واقعي جي ڏينهن هو تاڙ ۾ ويٺو هو، صبا گهر کان سٽي ڪورٽ وڃي رهي هئي ته چاقو سان حملو ڪري فرار ٿي ويو

ايس ايس پي جاچ شهلا قريشي موجب جوابدار هي به اعتراف ڪيو ته صبا جي ڀاءُ سان گهٽي ۾ ڪچرو اڇلائڻ ۽ گٽر صاف ڪرڻ واري معاملي تي به جهيڙو ٿيو هو

پوليس طرفان ناري صبا اسلم جي قتل ۾ استعمال ٿيل تيز ڌار وارو اوزار به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔