ايف آءِ اي جي حيدرآباد ۾ ڪارروائي، نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي: ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي ڪارروائي دوران ڊرگهه بالا جوهي ۾ 14 ورهين جي نينگر سان بدفعلي ۽ بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

ايڊيشنل ڊائريڪٽر سائبر ڪرائيم عمران رياض جو چوڻ آهي ته غلام مصطفيٰ لنڊ کي گرفتار ڪري موبائيل فون قبضي ۾ ورتو ويو آهي، موبائل فون مان فحش تصويرون به هٿ ڪيون ويون آهن، متاثر نينگر جوابدار وٽ ڪم ڪندو هو

عمران رياض موجب جوابدار، نينگر سان بدفعلي ڪندو هو ۽ هن جون فحش تصويرون به ڪڍيون ۽ ان تصويرن جي بنياد تي کيس بليڪ ميل ڪري رهيو هو، نينگر جي والد کي خبر پئي ته هن پنهنجي پٽ کي غلام مصطفيٰ وٽ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ايڊيشنل ڊائريڪٽر سائبر ڪرائيم موجب جوابدار نينگر جي والد کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ بليڪ ميل ڪيو ته پنهنجي پٽ کي مون وٽ موڪل، جوابدار جي موبائيل فون جي فارنزڪ ڪرائي ويندي، سندس خلاف چائلڊ پورنو گرافي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔