شريف ڪٽنب بي نامي اڪائونٽس ذريعي 16 ارب رُپيا منتقل ڪيا: شھزاد اڪبر

لاھور:احتساب بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته شريف ڪٽنب بي نامي اڪائونٽس ذريعي 16 ارب رُپيا منتقل ڪيا، ايف آءِ اي طرفان بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ڪيل چالان ۾ حيران ڪندڙ شيون شامل آهن

لاھور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف رڳو مني لانڊرنگ نه ڪئي آهي پر اُن گروهه جو مُک ڪردار پڻ آهي، سلمان شهباز شريف ڪيس ۾ روپوش آهي، نواز ليگ جو حڪومتي دور پورو ٿيو ته اُهي بي نامي اڪائونٽس بند ڪرايا ويا

پريس ڪانفرنس دوران شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته نواز شريف جو ڪيس سڀني کان مختلف آهي، برطانيا ۾ سزا مليل ڏوهاري کي وزٽ ويزا نه ملندو آهي، نواز شريف جوابدار نه، پر سزا مليل ڏوهاري آهي، کيس وزٽ ويزا نٿو ملي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔