گوجرا: ايم 4موٽر وي تي ڪار ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري ڪيس ۾ حيران ڪندڙ موڙ سامهون اچي ويو، ڊي ايس پي گوجرا وقار احمد پريس ڪانفرنس جي دوران اڳڀرائي ۽ ڊراپ سين بابت ٻڌائيندي چيو ته مبينا متاثر ناري ۽ ڪيس جي فريادڻ ماڻهن کان پئسا ورتا، متاثر ناري ۽ ڪيس جي فريادڻ بين الضلاعي گينگ جون به ميمبر آهن
ڊي ايس پي موجب مبينا متاثر عورت ۽ فريادڻ منصوبو ٺاهي زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ جوابدارن کان 50 لک رپيا طلب ڪيا هئا، انهن جو گروهه 2ڪيسن ۾ ماڻهن کان وڏي رقم حاصل ڪري چڪو آهي، ڊي ايس پي ميان وقار احمد موجب، اجتماعي زيادتي جو ڪيس 10 آڪٽوبر تي ٿاڻي سٽي ۾ متاثر ناري جي ماسي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو