عمران خان بابت پنهنجي بيان تي قائم آهيان: وجيهه الدين

ڪراچي: جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين چيو آهي ته عمران خان بابت پنهنجي بيان تي قائم آهيان، جيڪو چيو اُهو سچ آهي، جنهن کي هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرائڻو آهي، ڀلي ڪرائي منهن ڏيندس

ھن چيو تھ جهانگير ترين ترديد نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان رابطا ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي جسٽس رٽائرد وجيهه الدين چيو ته جهانگير ترين کنڊ مان اربين روپيا ڪمايا، بني گالا کي ڏنل خرج آئوٽ آف باڪس هوندا آهن، جڏھن تھ وفاقي حڪومت طرفان جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جسٽس (ر) وجيهه الدين بي بنياد الزام هڻي وزيراعظم جي ذات کي نقصان پهچايو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔