مطالبن جي مڃتا لاءِ حڪومت طرفان خاطري کانپوءِ گوادر ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان

ڪوئيٽا: گوادر ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

حڪومت طرفان مطالبن جي مڃتا جي خاطري کانپوءِ مولانا هدايت الرحمان گوادر ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ياد رهي ته گوادر ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌرڻو جاري هو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان اسد عمر ۽ زبيده جلال کي گوادر جو دورو ڪري صورتحال کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، اسد عمر ۽ زبيده جلال اڄ گوادر پهتا

ان کان علاوه بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو به گوادر کي حق ڏيو تحريڪ جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي جتي هن احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون

ان کان علاوه اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي هن زبيده جلال ۽ خالد منصور سان گڏ اڄ گوادر جو دورو ڪيو ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ۽ سندس ٽيم سان تفصيلي ملاقات ڪري گوادر ۾ سمورن منصوبن جو جائزو ورتو. ڪم تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

هن چيو ته انشاءَ الله گوادر جو عوام پنهنجي روزاني زندگي ۾ انهن منصوبن جا اثر ڏسندو

ياد رهي ته گوادر لاءِ حق ڏيو تحريڪ جا شرڪت ڪندڙ سمنڊ ۾ غير قانوني ٽرالنگ روڪڻ، مڪران ۾ چيڪ پوسٽون هٽائڻ ۽ گوادر کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سميت ٻين مطالبن جي حمايت ۾ گذريل هڪ مهيني کان احتجاج ڪري رهيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔