فواد خان ۽ صنم سعيد جي 9 سالن کان پوءِ ڀارتي ويب سيريز ۾ واپسي

ممبئي :ڊراما سيريل ”زندگي گلزار هي“ جو مشهور جوڙو فواد خان ۽ صنم سعيد تقريبن 9 سالن کان پوءِ ڀارتي ويب سيريز ۾ اسڪرين تي ٻيهر گڏ نظر ايندا.

تقريبن 9 سال اڳ 2012ع ۾ نشر ٿيل ڊرامي ”زندگي گلزار هي“ ۾ فواد خان ۽ صنم سعيد جي اداڪاري کي گھڻو ساراهيو ويو هو. اهو ڊرامو 2014ع ۾ ڀارتي چينل تي به ڏيکاريو ويو هو ۽ انهيءَ وقت کان فواد خان ۽ صنم سعيد ڀارتي شوقينن جي دلين راڄ ڪري رهيا آهن.

ڀارت ۾ مقبوليت کان پوءِ صنم سعيد ۽ فواد خان هاڻ هڪ ڀيرو وري ڀارتي او ٽي ٽي پليٽ فارم زي 5 لاءِ تيار ٿيندڙ ويب سيريز ۾ گڏ نظر ايندا. اهو اعلان زندگي چينل جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي فواد خان ۽ صنم سعيد جي تصوير کي شيئر ڪندي ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔