نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن لاءِ خوشخبري، حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :وفاقي حڪومت نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي اين او سيز جي چڪرکان آزادي ڏئي ڇڏي.

اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير خسرو بختيار آسان فنانس اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسڪيم ۾ ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو تائين ڇوٽ ڏني وئي آهي.

هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ايس ايم اي پاليسي کي منظور ڪري ورتو آهي، پاليسي تحت ڪاروباري ماڻهن کي هڪ ڪروڙ تائين بنا ضمانت جي قرض ملندو.

سندس چوڻ هو ته ايس ايم اي پاليسي ۾ ننڍا ڪاروبار شامل آهن، اسڪيم ۾ پيداواري سيڪٽر لاءِ 10 ڪروڙن جي ڪاروبار تي ٽرم اوور ٽيڪس گهٽ ڪيو ويو آهي، ايس ايم ايز لاءِ پاليسي 5 سالن جي هوندي، جنهن لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته اسان ملڪي معيشت ۾ وڏي تبديلي آندي آهي، اسان جي سڄي معيشت جو دارومدار درآمدن تي هو، دبئي ۽ سنگاپور جيان اسان درآمدن تي گذارو نٿا ڪري سگهون، پاڪستان کي هڪ مضبوط صنعتي بنياد جي ضرورت آهي.

هن چيو ته اسان ملڪ ۾ مضبوط انڊسٽريل بيس نه ڏئي سگهياسين ته معاشي مسئلن مان نه نڪري سگهنداسين، واپار واري وزارت پاليسي ترتيب ڏني آهي، جنهن سان ايس ايم اي سيڪٽر ۾ سهولتون ڏنيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔