”اداڪارائن کي فحاشي جو ذميوار سمجهندڙ ٽي وي ڏسڻ بند ڪن“

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا اُشنا شاهه هڪ پيغام ۾ اداڪارائن تي تنقيد ڪندڙ لاءِ پيغام جاري ڪيو آهي.

اُشنا شاهه ٽوئيٽر تي سخت ٻولي استعمال ڪندي چيو آهي ته ادب ۽ پنهنجي اخلاقيات جو خيال رکندڙ هر پاڪستاني جيڪو اداڪاري جي شعبي ۽ اداڪارن کي گھٽ سمجهندو آهي، ۽ اهو سمجهندو آهي ته اداڪارائون فحاشي ڦهلائي رهيون آهن اهي ٽي وي ڏسڻ ڇڏي ڏين.

هن چيو ته اهڙا ماڻهو اهي چينل به نه ڏسن جيڪي اسلام جي تبليغ ناهن ڪندا.

اداڪارا پوسٽ ۾ اهو به چيو ته پنهنجي غيرت ڏيکاريو ۽ اهڙي ذهنيت وارا سوشل ميڊيا جو استعمال به ڇڏي ڏين.

پر اداڪارا پنهنجي ان پيغام جو سبب واضح نه ڪيو پر جيڪڏهن سوشل ميڊيا واهپيدارن جي راءِ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته اداڪارا جي مداحن سندس ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ ماڻهن کي بنا ڪنهن سبب جي تنقيد کان پاسو ڪرڻ جو به مشورو ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔