سنڌ جي وڏي وزير ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سوبهراج اسپتال ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. مهم 13 کان 19 ڊسمبر تائين جاري رهندي. سوبهراج اسپتال ۾ افتتاح جي موقعي تي صحت واري وزير عذرا پيچوهو، سيڪريٽري صحت سميت ٻيا آفيسر به موجود هئا.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبي جي 30 ضلعن ۾ 90 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا. مهم دوران ٻارن کي وٽامن اي جا ڦڙا پڻ پياريا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ان موقعي تي چيو ته سنڌ ۾ جولاءِ 2020 کان پوليو جو ڪوبه ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.
پاڪستان ۾ هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو هو جنهن جو تعلق بلوچستان سان آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته گهر ايندڙ پوليو ٽيمون تعاون ڪن. ميڊيا به هن مهم لاءِ آگاهي فراهم ڪري. سموري سنڌ ۾ 13 کان 19 ڊسمبر تائين پوليو مهم جاري رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔